ڀائي لعل محمد استاد

ڀائي لعل محمد استاد

ڀائي لعل محمد استاد

ڀائي لعل محمد، استاد: ڀائي لعل محمد 1887ع ۾ امرتسر ۾ ڄائو. سندس تعلق ربابي گهراڻي سان هو، کيس امرتسر ۾ ميوزڪ جو اسڪول هوندو ۽ هو امرتسر جي پاسبان چوڪ تي رهندو هو. استاد ڀائي لعل خان گذريل وقت جي فقير موسيقارن وانگر پنج وقت نمازي ۽ تهجد گذار شخص هو. 1919ع ۾ هن محبوب علي ستار نواز کان موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. 1921ع ۾ هو هندستان جي مشهور ڪلاسيڪي گويي پنڊت ڀاسڪر راؤ جو شاگرد ٿيو. استاد لعل محمد ۽ پنڊت ڀاسڪر ٻئي همعصر گويا هئا. ٻنهي گوين مسلمان موسيقارن کان موسيقيءَ جي تعليم ورتي هئي، تنهنڪري ٻنهي ۾ مسلمان گوين جا گائڪي وارا گڻ موجود هئا. ٻئي موسيقيءَ جي وڏين ڪانفرنسن ۾ حصو وٺندا هئا ته ڪڏهن ڀائي لعل محمد ته ڪڏهن ڀاسڪر گِرهه کڻندو هو. پر پوءِ به لعل محمد، ڀاسڪر جي گائڪيءَ جي انگن کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ سندس شاگردي ورتائين. هن 1922ع ۾ وفات ڪئي، پوءِ به لعل محمد سڄي ڄمار کيس پنهنجو استاد مڃيندو رهيو. استاد ڀائي لعل محمد کي 1925ع ۾ شڪارپور سنڌ جي هڪ ميوزڪ ڪانفرنس ۾ ”سنگيت ساگر“ جو لقب مليو. واقعي هو هئو به سنگيت جو سمنڊ، کانئس پوءِ اهو لقب هندوستان ۾ ڪنهن به گويي کي نه مليو آهي. هن پنهنجي سموري حياتي هن علم کي سکڻ ۾ گذاري ڇڏي.
استاد ڀائي لعل محمد جو والد ميان عطا محمد، استاد بني خان صاحب جو شاگرد هو ۽ استاد بني خان، هدو خان ۽ حسو خان جو شاگرد هو. هدو خان ۽ حسو خان گواليار گهراڻي جا گائڪ هئا، ته لعل محمد به پنهنجي والد معرفت گواليار گهراڻي جي رنگ جي گائڪيءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. استاد ڀائي لعل محمد پنهنجي پٽ نثار حسين خان ۽ غلام حسين شگن کي موسيقيءَ جي تعليم ڏني. نثار حسين خان 21 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو، جڏهن ته غلام حسين شگن پاڪستان ۾ گواليار گهراڻي جو نمائندو گائڪ شمار ڪيو ويندو آهي. 1935ع ۾ استاد لعل محمد لاهور ۾ موسيقيءَ جو اسڪول کوليو. هندوستان جي مختلف رياستن جي والين کيس پاڻ وٽ ملازمت جي پيش ڪش ڪئي، پر هن جي خود دار طبيعت، انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن به گوارا نه ڪيو. ڪجهه عرصو ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ۾ ڪمپوزر جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيائين. هن پنجاب جي لوڪ گيتن جي موسيقي ترتيب ڏني. مشهور لوڪ گيت ”لنگهه آجا پتڻ چنه دا، او يار“ سندس ڪمپوز ٿيل آهي. سندس شاگردن ۾ بينڊ ماسٽر جهانگير خان، ڪلارنٽ نواز عالم گير خان، سنتو خان، صوفي خدا بخش، قادر فريدي، لوڪ گلوڪار سائين اختر حسين، محمد علي فريدي قوال ۽ هندوستان جو مشهور اداڪار اوم پرڪاش تمام گهڻا مشهور آهن. کيس درباري، شاهانه، غار ۽ ديسي ٽوڙيءَ تي عبور حاصل هو. هي ورهاڱي کان پوءِ 1947ع ۾ پاڪستان آيو. زيڊ. اي. بخاريءَ، جيڪو ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو، کيس لاهور ريڊيو تي مقرر ڪيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سمجهيو ويو ته هاڻ هن جو ڪو به مصرف ناهي ۽ بيڪار ويٺو آهي ته نوڪريءَ کان جواب ڏئي ڇڏيائونس. عمر جي آخري حصي ۾ کيس دم جي تڪليف ٿي پئي ۽ آواز به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنس ته ڳائڻ ڇڏي دلربا ساز وڄائڻ شروع ڪيائين. کيس دلربا وڄائڻ ۾ به مهارت حاصل هئي. هن 24 نومبر 1962ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1887.00.00  عيسوي

ڀائي لعل محمد 1887ع ۾ امرتسر ۾ ڄائو


1962.11.24  عيسوي

ڀائي لعل محمد 24 نومبر 1962ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فتح محمد شاهه شيرازي
چنا شبيران
جتوئي آصف مصطفيٰ
راهوجو ذوالفقار
سئلبئنڪ جوزف سالبئنڪ جوزف
خدابخش سومري جي درگاهه
عبدالله بن عمر هباري
قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم
ثمينه ڪنول
امير بخش فقير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون